نواز ليگ جو جاويد لطيف کي نوٽيس، هڪ هفتي ۾ جواب طلب

0
264
نواز ليگ جو جاويد لطيف

ڪراچي(م ڊ) پاڪستان مسل ليگ (ن) جي طرفان پارٽي جي سينيئر اڳواڻ ميان جاويد لطيف کي نجي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو تي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.

جاويد لطيف کي جاري ڪيل نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته توهان نجي ٽي وي ۾ جيڪي ڳالهيون ڪيون آهن اهي پارٽي ڊسپلين جي ڀڃڪڙي آهي، ست ڏينهن جي اندر جواب ڏيو.

هن حوالي سان هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي جاويد لطيف جو چوڻ هو ته نواز شريف ڪهڙي طرح کيس شوڪاز نوٽيس ڏيڻ تي راضي ٿيو مان سڀ ڄاڻان ٿو.

هن جو چوڻ هو ته شوڪاز نوٽيس ننڍڙي شئي آهي، نواز شريف چوي ته هڪ سيڪنڊ ۾ اسيمبلي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندس.