لاهور(م ڊ) مسلم ليگ نواز جي اڳواڻ نذير چوهاڻ کي هڪ ٻئي ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو آهي. دهشتگردي جي انت واري عدالت نذير چوهاڻ جي پوليس حملي ڪيس ۾ ضمانت منظور ڪئي هئي. ٻئي ڪيس ۾ سندس 4 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪيو ويو آهي ۽ کيس 8 آگسٽ تي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. پراسيڪوٽر جنرل چيو ته نذير چوهاڻ تي عادل گجر کي زخمي ڪرڻ جو الزام آهي، عادل بيان ۾ نذير کي نامزد ڪيو آهي، قتل جي ڪوشس جي ڪيس ۾ وڌيڪ جاچ ڪرڻي آهي.