لاهور (م ڊ) نواز ليگ ايم اين اي محسن شاهنواز رانجها خلاف فراڊ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، محسن رانجها سميت 5 ڄڻن خلاف ڪيس اسلام پوره ۾ داخل ڪيو ويو ، جنهن ۾ فراڊ ۽ ڪاغذن ۾ هيرا ڦيري جا الزام لڳايا ويا آهن، ڪيس ۾ چوڌري محمد علي، بشير خان، محمد ارشد، نبيل خان ۽ شاهد محمود کي نامزد ڪيو ويو آهي، ايف آءِ آر مطابق جوابدارن پرڏيهه ۾ رهندڙ عورت جو جعلي اٽارني ليٽر ٺاهي هڪ ڪنال جو پلاٽ درخواستگذار کي موڪليو، جوابدارن پلاٽ جي عيوض هڪ ڪروڙ 10 لک رپيا وصول ڪيا، فريادي مطابق ايم اين اي محسن شاهنوار رانجها جي دعويٰ آهي ته آئون پلاٽ جو حصيدار آهيان، ليگي ايم اين اي چيو ته منهنجي خلاف ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، منهنجو لاڳاپيل ملڪيت سان ڪوبه تعلق ناهي، هن چيو ته لاڳاپيل ٿاڻي جي ڪنهن به اهلڪار مون سان رابطو ناهي ڪيو، ميڊيا ذريعي هن ڪيس جي خبر پئي، ڪوڙي ڪيس خلاف پنهنجو آئيني حق استعمال ڪندس.