اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اين اي 75 سيالڪوٽ تي مسلم ليگ (نواز) جي اميدوار نوشين افتخار چيف اليڪشن ڪمشنر، ڄاڻايل تڪ تي ضمني چونڊ لاءِ مقرر رٽرننگ آفيسر کي لکت ۾ درخواست اماڻيندي ڊسڪا جي مک روڊن تي فوري طور تي سي سي ٽي ڪيمرائون لڳائڻ جو مطالبو ڪيو آهي، درخواست ۾ چيو ويو آهي ته صاف شفاف ۽ پر امن ضمني چونڊ ڪرائڻ لاءِ ڊسڪه جي مک روڊن تي سي سي ٽي وي ڪيمرائون لڳايون وڃن، درخواست ۾ هن اليڪشن ڪميشن کي اهو به ٻڌايو آهي ته اعتبار جوڳن ماڻهن ٻِڌايو آهي ته ڊسڪا شهر جي مک روڊن تي لڳل سي سي ٽي وي ڪيمرائون هٽايون ويون آهن جيڪي نه پيون لڳايون وڃن. ڄاڻايل تڪ تي ضمني چونڊ لاءِ مقرر رٽرننگ آفيسر اهڙي خط جي جواب ۾ نواز ليگ جي اميدوار کي چيو آهي ته ڌانڌلي جي حوالي سان خدشا آهن ته انهن جي ثبوتن سان گڏ نشاندهي ڪئي وڃي، رڳو مفروضن يا خدشن جي بنياد تي ڪنهن قسم جي ڪارروائي نه ٿي ڪري گهجي.