لاهور (م ڊ) نواز ليگ اسپيڪر پنجاب اسيمبلي جي اليڪشن کي چيلنج ڪري ڇڏيو، نواز ليگ لاهور هاءِ ڪورٽ  ۾ اسپيڪرجي چونڊ کي چيلنج ڪندي موقف اختيار ڪيو ته اسپيڪر پنجاب اسيمبلي جي اليڪشن آئين ۽ قانون موجب نه ٿي، ڪيئن اوپن ووٽنگ ڪرائي وئي، بيلٽ پيپر تي سيريل نمبر لکيا ويا، اسپيڪر جي چونڊ ڪالعدم قرار ڏني وڃي، جڏهن ته عدالت درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي، وزيراعظم جي خصوصي معاون عطا تارڙ چيو ته ق ليگ تحريڪ انصاف کي هاءِ جيڪ ڪري ڇڏيو آهي، هن فيصلو ڪيو ته ڌانڌلي ڪئي وڃي، عدالت کي رات جو کولڻ ٽرينڊ بڻجي ويو آهي، اسان تڪڙ ۾ عدالت ناهيون آيا، هي حڪومت وڌيڪ ڏينهن هلندي نظر نٿي اچي، هي ڪجهه ڏينهن جي مهمان آهي، رانا مشهود چيو ته اڄ تائين اهڙي کُلي عام اليڪشن ناهي ڏٺي، ملڪ کي بچائڻو آهي ته گوگين ۽ گوگن جو سخت احتساب ڪرڻو پوندو.