نواز ليگ ، پي ٽي آئي جي سنڌ مان تڏا ويڙھه

0
211
نواز ليگ ، پي ٽي آئي جي سنڌ مان تڏا ويڙھه

 سنڌ جي ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزنن ۾ مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو پڄاڻي تي پهتو جنھن جي نتيجن مطابق پيپلزپارٽي پھرين نمبر تي ڪاميابي ماڻي ورتي آهي جڏهن ته جماعت اسلامي ڪراچي ڊويزن ۾ ٻيو نمبر ۽ تحريڪ انصاف ٽيون نمبر تي اچي وئي. حيدرآباد ڊويزن ۾ پيپلزپارٽي  نه رڳو واضح اڪثريت حاصل ڪري ورتي بلڪه پھريون ڀيرو حيدرآباد جو ميئر آڻڻ ۾ ڪامياب ٿيندي. ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزنن کان پھرين لاڙڪاڻو،سکر، بينظير آباد ۽ ميرپورخاص ڊويزنن ۾ ٿيل پھرين مرحلي جي چونڊن ۾ پيپلزپارٽي واضح اڪثريت حاصل ڪري چڪي هئي. سڄي سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي ڪامياب ٿي اچڻ جو سوال اڄ به بحث هيٺ آھي ته سنڌ حڪومت جي ناقص ڪارڪردگي جي باوجود پيپلزپارٽي جو ڪامياب ٿيڻ حيران ڪن ڳالهه ناهي پاڻ اڳتي هلي ان جا بنيادي سبب پيش ڪنداسين، ليڪن اصل ۽ بنيادي ڳالهه مسلم ليگ ن جي سنڌ مان مڪمل طور تي تڏا ويڙھه ۽ پي ٽي آئي جو ڪراچي تائين محدود ٿيڻ جي بنيادي طور تي جائزو ورتو ويندو. نواز ليگ جي تڏا ويڙھه جو بنيادي سبب خود نواز شريف پاڻ آھي ان حقيقت کان ڪير به انڪار نٿو ڪري سگهي ته نواز شريف سنڌ کي ڪيئن نظر انداز ڪري ڇڏيو. 1999ع کان پھرين نواز شريف جي پنجاب ۽ ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ تي نظر ھوندي ھئي. 1990ع کان وٺي 1997ع جي عام چونڊن جي دوران سندس جماعت کي جيڪا ڪاميابي حاصل ٿيندي هئي ان وقت ساڻس گڏ سيد غوث علي شاهه ، الاهي بخش سومرو، لياقت علي جتوئي ، گھوٽڪي جا مھر ، ٺٽي جا شيرازي، ٿر جا ارباب، نوابشاهه جي سيدن سميت سنڌ جو سردار وڏيرو شامل رھيو ۽ نواز شريف کي ڪافي حد تائين حمايت پڻ ڏياري، ان جو بنيادي عنصر پيپلزپارٽي سان اختلاف ھئڻ ھو ليڪن 1999ع ۾ نواز شريف جي اقتدار جي پڄاڻي جنرل پرويز مشرف جو اقتدار ۾ اچڻ نواز شريف پاران پاڻمرادو جلاوطني اختيار ڪرڻ کان پوءِ ان جو سنڌ تان ڌيان ھٽي ويو خاص طور تي 2013ع جي عام چونڊن ۾ جڏهن ٽيون دفعو وزيراعظم ٿي ويو ته ھڪ ته پارٽي جي سينيئر اڳواڻن سيد غوث علي شاهه ، ممتاز علي ڀٽو ، الاهي بخش سومرو سميت ٻين اڳواڻن کي نظرانداز ڪندي ڪراچي مان اردو ڳالهائيندڙ ممنون حسين کي ملڪ جي صدارت جي ڪرسي تي ايوان صدر ۾ ويھاريو ۽ سنڌ جي سينئر قيادت کي پھرين دلاسن ۽ بعد ۾ کين ان وقت مڪمل نظرانداز ڪري ڇڏيو جڏهن پيپلزپارٽي جي قيادت آصف زرداري ساڻس ڳجھه ڳوهه ۾ زباني ٺاھه ڪيو ته وفاق ۽ پنجاب ۾ توھان حڪومت ڪريو سنڌ ۾ اسان کي حڪومت ڪرڻ ڏيو. حالانڪه بعد ۾ آصف زرداري پاڻ ڪيئي دفعا چئي ڇڏيو ته پيپلزپارٽي پنجن سالن تائين نواز حڪومت جي خلاف ڪنھن به قسم جي مھم جو حصو نه بڻجندي ۽ پنجن سالن کان پوءِ چونڊن ۾ ميدان تي ھڪ ٻئي جو مقابلو ڪيو ويندو. جنھن کان پوءِ ھر ھڪ جي سامھون ڳالهه واضح ٿي وئي ته نواز شريف وزيراعظم ھوندي سنڌ ۾ نه صرف اچڻ گھٽائي ڇڏيو بلڪه پارٽي جي اڳواڻن توڙي نظرياتي ڪارڪنن کي به مڪمل طور تي نظرانداز ڪري ڇڏيو ۽ سنڌ آصف زرداري کي پٽي تي لکي سنڌ حڪومت کي اڇي ڪاري جو مالڪ بڻائي ڇڏيو. مفاهمت جي ڏاھي آصف زرداري اپوزيشن توڙي حڪومتي صفن ۾ سياسي ساک رکندڙ سيد خورشيد شاهه کي قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ مقرر ڪري ڇڏيو جو نواز شريف کي ڪنھن مخالف جي ضرورت نه ھئي. ان دوران سنڌ مان ڪجهه وقت لاءِ نواز ليگ جي اڳواڻن توڙي نظرياتي ڪارڪنن سنڌ حڪومت جي ڪرپشن بابت ھاءِ گھوڙا ڪئي پر وفاق مان کين مڪمل خاموشي نظر ايندي آخر ڪار انھن به خاموش رهڻ کي بھتر سمجھو، نتيجي ۾ 2018ع جي عام چونڊن ۾ نواز ليگ کي سنڌ مان اميدوار ملڻ مشڪل ٿي ويا صرف شاهه محمد شاهه ۽ نھال ھاشمي کان سواءِ ٻيو ڪو به ان وقت نظ رنه آيو نه وري ھن وقت نظر اچي رهيو آهي. باقي جيستائين نظرياتي ڪارڪنن جو تعلق آهي ته گھڻي ڀاڱي ڪنارا ڪش ٿي ويا يا وري ڪنهن ٻي پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي، جڏهن ته نواز شريف به اھا سوچ رکي ته کيس صرف پنجاب صوبو کپي. حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته پنجاب صوبي جون قومي اسيمبلي ۾ ايتريون سيٽون آھن جيڪڏھن باقي ٽن صوبن جي سيٽن کي گڏ ڪجي ته به پنجاب جون سيٽون وڌيڪ ٿين ٿيون انھي ڪري به آصف زرداري سڄي  ڌيان سنڌ تي رکي ڇڏيو ته کيس وفاق جي  ڀيٽ ۾ سنڌ حڪومت کپي، انھي ڪري سنڌ جي سردار وڏيري پنھنجو جياپو ان ۾ ڏٺو جو تقريبن سڀني پيپلزپارٽي جو پاسو ورتو، ڪجھه ضلعن ۾ اٽي ۾ لوڻ برابر سردار يا وڏيرو بچيو آهي جيڪو پيپلزپارٽي ۾ ناهي، جيڪي ناھن انھن جي به  ڪوشش  آھي ته کين  رئيس قبول ڪري. ان کان سواءِ مڪاني چونڊن ۾ پيپلزپارٽي جي ڪاميابي جو ٻيو بنيادي سبب ھڪ ته 15 سالن کان سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت ھئڻ سان گڏوگڏ سرڪاري مشينري جنھن ۾ خاص طور تي پوليس جو ڪردار اھم رھي ٿو ٻيو ته تقريبن ھر گھر ۾ ڪو نه ڪو ماستر يا سرڪاري ملازم ضرور آھي ان کان سواءِ جيڪي وڏيرا سردار ويٺا آهن انھن جو پنھنجو مقامي سطح تي اثررھي ٿو مٿان وري بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت غريبن سان گڏ اميرن کي ملندڙ وظيفو به شامل آهي. باقي جيستائين سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي جي بنياد تي ووٽ وٺڻ ۽ ڪاميابي جو تعلق آهي ته سنڌ جي ترقي جي جو ان ڳالهه مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته پنج مھينا گذري ويا آهن گذريل سال جا ٻوڏ متاثر بحال نه ٿي سگھيا آهن،ڪنھن به ھڪ ضلعي جي شهر يا وري ڳوٺ کي ماڊل طور تي پيش ڪري قيادت ناهي ڏيکاريو جتي صحت جي بنيادي سھولت  ھجي. سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس اھا ڳالھه چوڻ تي مجبور ٿي پوي ٿو ته سنڌ گهوسٽ اسڪولن جي ڪري سڃاتو وڃي ٿو. سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جھڙي اداري ۾ ڪرپشن پئي ٿئي، اسڪول چوپائي مال ۽ گڏھن جا واڙا بڻيل آهن ھزارين ٻار تعليم کان محروم ھجن، وڏن توڙي ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ پاڻي جي پيئڻ جي سھولت نه ھجي ٿرپارڪر ۾ صاف پاڻي فراهم ڪرڻ جي حوالي ڪروڙن رپين جي لاڳت سان تعمير ٿيل آر او پلانٽ بند پيا ھجن شھرن ڳوٺن ۾ صفائي سٿرائي جو نظام نه ھجي گندگي جا ڍير لڳل ھجن گٽر اٿليل ھجن يعني ڪھڙي ترقي جي ڳالهه ڪجي. ھاڻي ته سنڌ حڪومت جي ڪرپشن جي ڳالهه سنڌ يا پاڪستان ۾ نه پر آمريڪا ۾ به ٻڌي پئي وڃي. تازو ھڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي جنھن ۾ ھڪ ڪانفرنس ۾ پيپلزپارٽي جي اڳواڻ وفاقي وزير شيري رحمان پڻ موجود ھئي جتي آمريڪي شهريت رکندڙ سنڌ واسي سنڌ حڪومت جي ڪرپشن جو ذڪر ڪيو ته شيري رحمان جي چپن تي آڱريون اچي ويون ھا باقي سنڌ جي ترقي اشتھارن ۾ خوب نظر اچي ٿي. بحرحال پيپلزپارٽي جي قيادت کي سنڌ جي عوام جيڪا مڪاني چونڊن ۾ موٽ ڏني آھي ته مٿس ھاڻي اھا ذميواري ٿئي ٿي ته سنڌ جي ترقي لاءِ ڪوشش ڪن. بلڪه تازين چونڊن ۾ ڪامياب ٿي آيلن کي ضلعي چيئرمينن ، ميونسپل ڪارپوريشن جي ميئرشپ يا وري ٽائون ڪاميٽين جي چيئرمين کي عھدا ڏيڻ وقت کانئن عھد وٺڻو پوندو ته ھر ھڪ کي پنھنجي ضلعي ، تعلقي ، شھر ، ڳوٺ ۽ واھڻ ع کي ترقي وٺرائڻ تائين سک سان ويھڻو نه ڏنو ويندو. ساڳي طرح وقت اچي ويو آهي ته وفاقي توڙي صوبائي وزيرن سان گڏ قومي اسيمبلي ۽ سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن کان به پڇاڻو ڪيو وڃي ته کين گذريل پندرهن سالن کان جيڪي ترقي جي نالي تي فنڊ مليا اھي ڪٿي خرچ ڪيا ويا. جيڪڏهن ان پڇاڻي کان ڪن ٽار ڪئي وئي ته پوءِ سنڌ جو عوام آھستي آھستي ھڪ ڏينھن پنهنجو فيصلو ضرور تبديل ڪندو. جيستائين پي ٽي آئي جي سنڌ ۾ شڪست جو تعلق آھي ان جو اندازو لڳائڻ ڪو مشڪل ناھي، ڇو ته عمران خان حڪومت ۾ اچڻ کان ويندي حڪومت مان نڪرڻ تائين سندس توجهه جو مرڪز پنجاب ، خيبرپختونخوا يا وري ٿورو ڪراچي تائين رھيو، ان جي به نواز شريف واري سوچ ته پنجاب ۾ سيٽون وڌيڪ آھن. صادق آباد کان وٺي اٽڪ درياهه پل جي ٽي روڊ تائين ڪاميابي بغير اقتدار ۾اچڻ ممڪن نٿو ٿي سگهي ٻيو ته مڪاني چونڊن جي مھم دوران عمران خان وڊيو لنڪ ذريعي  ڪراچي ، حيدرآباد ۾ هڪ به جلسي کي خطاب نه ڪيو ان مان ان جي سنجيدگي جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. ساڳي طرح صوبي جي قيادت ڪراچي سان تعلق رکندڙ علي زيدي جي حوالي ڪرڻ جنھن ڪڏهن به صوبي جي ڪنھن پارٽي اڳواڻ يا ڪارڪن سان رابطو رکڻ مناسب نه سمجهيو بلڪه ڪٿي به تنظيم سازي نظر نه پئي اچي. ڪجھه شھرن ۾ چند ماڻهن جي گڏ ٿيڻ سان پي ٽي آئي جي عوامي مقبوليت نٿي چئي سگهجي. جيڪڏهن عمران خان کي پيپلزپارٽي جو مقابلو ڪرڻو آهي ته ھن وقت کان سنڌ تي ڌيان ڏيڻو پوندو گھر ويٺي سمجهجي ته پيپلزپارٽي جي ڪرپشن جي نفرت ۾ عوام کيس ووٽ جي شڪل ۾ موٽ ڏيندو ته اھا سندس خام خيالي ھوندي.