لنڊن (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف ۽ پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ نوازشريف عام چونڊون مقرر وقت تي ڪرائڻ تي اتفاق ڪندي وقت کان اڳ چونڊن جو ڪو به دٻاءُ قبول نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ٻنهي اڳواڻن نومبر ۾ نئين آرمي چيف جي مقرري تي به صلاح مشورو ڪيو. پنجاب ۾ حڪومت تبديل ڪرڻ تي به ڳالهيون ڪيون ويون ۽ وڏي وزير لاءِ حمزه شهباز شريف ۽ ٻين جي نالن تي غور ڪيو ويو. مليل اطلاعن موجب لنڊن ۾ حسن نواز جي آفيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف ۽ شهباز شريف جي ملاقات ٿي. ملاقات ۾ اڳوڻو ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار ۽ سلمان شهباز به موجود هئا. وزيراعظم شهباز شريف آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو ۽ مولانا فضل الرحمان سان ڪيل صلاح مشورن جي باري ۾ به نوازشريف کي آگاهي ڏني. شهباز شريف نوازشريف سان ڳالهين ۾ چيو ته هن وقت سمورو ڌيان ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ معيشت کي بهتر ڪرڻ تي آهي. ملاقات ۾ ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ويو ته سمورا اتحادي عام چونڊون مقرر وقت تي ڪرائڻ جا حامي آهن. اتحادين سان ملي پاڪستان کي پريشانين مان ڪڍنداسين ڪنهن کان به بليڪ ميل نه ٿينداسين حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪندي. ۽ عام چونڊون آئين جي مقرر مدي اندر ئي ٿينديون. ن ليگ قائد نواز شريف ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگي تي وزيراعظم شهباز شريف کي قدم کڻڻ جي هدايت ڪندي چيو ته عوام کي رليف ڏنو وڃي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته شهباز شريف ٻوڏ متاثرن لاءِ اڻٿڪ محنت ڪري رهيو آهي، حڪومت بحاليءَ جي ڪوششن ۾ تيزي آڻي. ملاقات بعد صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته پاڪ فوج ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪري رهي آهي، پاڪستاني عوام به عطيا فراهم ڪري رهيو آهي، دوست ملڪ پڻ مدد پيا ڪن، وفاق توڙي صوبائي حڪومتون پنهنجو فرض ادا ڪري رهيون آهن. هن چيو ته ٻوڏ متاثرن لاءِ اين ڊي ايم اي به ڪم ڪري رهي آهي، متاثرن لاءِ 30 ارب رپيا رکيا ويا آهن، هر خاندان کي 25 هزار رپيا ڏئي رهيا آهيون، ڪوشش آهي ته ٻوڏ متاثرن جي بحالي جو عمل جلد مڪمل ڪيو وڃي. 70 ارب رپيا ورهايا آهن، بي آءِ ايس پي وسيلي، باقي به مدد ڪئي ويندي، وفاقي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي ته ٻوڏ متاثرن جي ڀرپور مدد ڪئي وڃي. نواز شريف ۽ شهباز شريف جي ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي. نجي ٽي وي جي رپورٽ موجب ملاقات اٽڪل ساڍا 3 ڪلاڪ جاري رهي جنهن ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا، اتفاق ڪيو ويو ته عام چونڊون مقرر آئيني مدي تحت ٿينديون، حڪومت پنهنجو آئيني مدو پورو ڪندي ان سلسلي ۾ ايندڙ هرقسم جي دٻاءُ جي مزاحمت ڪئي ويندي. رپورٽ موجب پنجاب ۾ حڪومت جي تبديلي جون ڪوششون ڪرڻ تي به غور ڪيو ويو. پنجاب حڪومت جي تبديلي جي صورت ۾ حمزه شهباز ئي وڏو وزير ٿيندو پر ان معاملي ۾ ٻين نالن تي به غور ڪيو ويو. رپورٽ مجب ملاقات ۾ نومبر ۾ ٿيندڙ اهم مقرري جي معاملي تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.  ان اهم ملاقات ۾ لنڊن ۾ موجود مريم اورنگزيب ۽ خواجه آصف موجود نه هئا. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي صورتحال تي به ڳالهيون ڪيون ويون.