سالن کان ملڪ ۾ ٻه پارٽي سسٽم رائج ھو ۽ ٽين پارٽي مقتدر ڌريون آھن جيڪي ھر ڏھن سالن کانپوءِ اقتدار جو مزو وٺن ٿيون پر ھاڻ انھن طئي ڪري ڇڏيو آھي ته اقتدار تي قبضو نه ڪبو. ٻه پارٽي سسٽم کي عمران خان مُڪ مُڪا چوي ٿو. ساڳئي وقت سنڌ ۾ به سالن کان ٻه پارٽي نظام آھي.جيئن ايم ڪيو ايم ۽ پيپلزپارٽي پر ھاڻ ڪراچي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف به جاءِ ٺاھي آھي.سڀني وچ ۾ ظاھري توڙي اندروني طور مفاھمت آھي.ان کي Friendly opposition چيو وڃي ٿو.پارٽين جي قيادتن کان ايم پي ايز، ايم اين ايز، سينيٽر ۽ وزير به ڏھائين کان ساڳيا آھن.پوڙھا ٿي رٽائر ٿين ته وري سندن خاندان جو ڪو فرد سامھون آڻين ٿا. ڀل مارشلا حڪومت ھجي تڏھن به ساڳئي خاندان مان ڪو فرد وزير ٿئي ٿو. پيسن ۽ ڪرسين تي ڪاوڙجن ته ڪو فرد ھڪڙي پارٽي ڇڏي ٻي ۾ وڃي ٿو.
ھن وقت جيترا سياستدان اسيمبلين ۾ آھن انهن ھر ھڪ ڪيترا ڀيرا پارٽيون مٽايون آھن.انھن مخصوص خاندانن مان ئي هر اداري ۾ ماڻهو ويٺل آهن جن ۾ انهن خاندانن جا پُٽ،سالا ۽ عزيز شامل آھن. ھڪڙي قسم جو ڳٺ جوڙ آھي.ھي صرف لفاظي طور ھڪٻئي جو احتساب ڪن ٿا پر عملي طور ھڪٻئي کي تحفظ ڏين ٿا. ھاڻ ھي مُڪ مڪا وارو نظام ملڪي ۽ عالمي سطح تي مڪمل طور ناڪام ۽ مُردار ٿي چڪو آھي.جنھن سبب ملڪ جا آئيني ادارا توڙي حڪومت جو انتظامي ڍانچو مفلوج ۽ اپاھج ٿي چڪو آھي.ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ توڙي عالمي اسٽيبلشمينٽ ان تي متفق آھن ته پاڪستان جھڙي ايٽمي طاقت ۾ اهڙي طرز حڪمراني نه ٿي هلائي سگهجي. تنھن ڪري عالمي قوتون چون ٿيون ته پاڪستان جو امن دنيا جو امن آھي ۽ مضبوط پاڪستان پوري دنيا لاءِ ضروري آھي.توڙي جو ھي 70 سالن جو گند صاف ڪرڻ ايترو آسان نه آھي.ڪافي خرابيون خود رياست پاڻ پيدا ڪيون. جنھن ۾ جھادي گروپس جي سرپرستي،نام نھاد سياستدانن کي مُھري طور استعمال ڪرڻ،عدالتن کي نظريه ضرورت طور پنھنجي ماتحت رکڻ ۽ ميڊيا تي پابندي ھڻڻ وغيره سبب نظام حڪومت ۾ وڏو خلل پيدا ٿيو. جيڪي سياسي اڳواڻ دعوائون ٿا ڪن ته ھو عوامي ۽ جمھوري اڳواڻ آھن.اُھي به طاقت ڌر جون پيداوار آھن.جڏھن طاقتور ڌريون رَسو ڇڪين ٿيون ته ھو سُسي سوڙھا ٿي پون ٿا. مثال طور مسلم ليگ جيڪا شروع کان طاقتور ڌرين جي دادلي پارٽي رھي آھي.رياست اي کان زيڊ تائين مسلم ليگ جا گروپ ٺهرايا.اھو قطعي نٿو چئي سگھجي ته پيپلزپارٽي کي انهن طاقتور ڌرين جي حمايت نه رهي آهي .ڀُٽو صاحب کان زرداري تائين انهن ڌرين جي پ پ کي حمايت حاصل رھي آھي.الطاف حسين،مولوين ۽ طالبان کي به انهن ڌرين جي حمايت حاصل رھي آھي.ھاڻ جڏھن رياست پنھنجو ڦھلايل گند پاڻ صاف ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي ۽ عالمي اسٽيبلشمينٽ جو به دٻاءُ آھي ته رياست سڀني جن جي سرپرستي ڪئي يا پاليو نپايو،انھن کي گھُٽا ڏئي نپوڙي ساهه ڪڍي.ان جي شروعات طالبان،جھادي گروپن ۽ ايم ڪيو ايم کان ڪئي وئي.ڪنھن جي وھم ۽ گمان ۾ نه ھو ته ھٿيار بند ايم ڪيو ايم ۽ طالبان ايئن ختم ٿيندا پر جڏھن رياست پنھنجي تي آئي ته سڀني جون پاڙون اکيڙي ڇڏيون.ھاڻ رياست کي سفيد پوش سياسي،معاشي دھشتگردي ۽ ڪرپشن جو خاتمو ڪرڻو آھي،تنھن ڪري نواز شريف ۽ زرداري جيڪي سياسي طور ملڪ جي نظام کي يرغمال بنايو ويٺا آھن،
انھن کي سوڙھو ڪرڻ شروع ڪيو ويوآھي.ننڍا ننڍا ايڪشن ڪري رياست عوامي ردعمل به ڏسڻ چاھي ٿي پر نواز شريف توڙي زرداري خلاف جيترا ايڪشن ٿين ٿا.عوام خوش ٿئي ٿو وري جڏھن انھن کي ڪا ڍر يا عدالت مان انصاف نما سھولت يا رعايت ملي ٿي ته عوام ۾ مايوسي پيدا ٿئي ٿي. تنھنڪري ايندڙ وقت ۾ پنامه ڪيس کان به تمام وڏا فيصلا ٿيڻا آھن.زرداري ۽ نواز شريف جي سياسي مستقبل جو به فيصلو ٿيڻو آھي.شريف خاندان سياست مان مستقل طور آئوٽ ٿيندو پر زرداري پنھنجي بچاءُ لاءِ ڪنھن وقت اسٽيبلشمينٽ جي خوشامد ڪري ٿو.ڪنھن وقت بلوچ ٿيو وڃي ته ڪنھن وقت سنڌ ڪارڊ کيڏڻ جي ڪوشش پيو ڪري.ھاڻ ھي سڀ ڪوششون آخري پساھن واريون کرڙيون آھن.جھڙي نموني سان زرداري ڀُٽو جي پارٽي کي زرداري ليگ ۾ تبديل ڪيو آھي.ان کانپوءِ پيلزپارٽي سنڌ کانسواءِ ملڪ ۾ ڪٿي به نه آھي.
ڏسڻ ۾ اھو اچي ٿو ته سنڌ ۾ به ڀوتارن کان سواءِ ڪو ڪارڪن ته بچيو نه آھي.جيڪو ڪارڪن آھي سو ڪرپٽ ٿي چڪو آھي.نواز شريف جي پارٽي جو حال ته مشرف دور ۾ نظر آيو پر زرداري ۽ پ پ جي بدعنوان ماڻھن خلاف ايڪشن ٿيو ته ڪو پارٽي ڪارڪن يا عام ماڻھو روڊن تي اچي نه احتجاج ڪندو نه ڪوڙا ۽ لٺيون کائيندو.عام ماڻھو خوشي ۾ ديڳون لاھيندو.تنھن ڪري وڏيرن جي آسري تي زرداري ڪو رسڪ نٿو کڻي. ھن دفعي اسٽيبلشمينٽ ڪنھن به صورت ۾ نوازشريف ۽ زرداري سان مُڪ مُڪا ڪرڻ جي موڊ ۾ نه آھي.پھرين پي ڊي ايم طاقتور ڌرين کي دعوت ڏني ته ھو عمران خان جي سليڪٽيڊ حڪومت کي گھر موڪلي پر انهن ڪو نوٽيس نه ورتو ۽ آخر پي ڊي ايم وڃي پاڻ وينٽيليٽر تي پھتي، عمران خان به پنھنجو اڌ مدو پورو ڪري ويو آھي ھاڻ جيڪڏھن عمران خان به ڊليور ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيو ته پوءِ اسٽيبلشمينٽ وري نوان مھرا پيدا ڪندي.