مونکي قتل ڪرڻ لاءِ ڏکڻ وزيرستان جي ٻن ماڻهن کي ٽاسڪ ڏنو ويو آهي: عمران خان جي دعويٰ

0
168
باجوه سان اختلاف تڏهن پيدا

پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نواز شريف چاهي ٿو ته عمران خان کي نااهل ڪيو وڃي، لڳي ٿو چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿيندي
عمران خان زمان پارڪ لاهور ۾ پرڏيهي ميڊيا جي نمائندن سان ملاقات ڪئي ۽ چيو ته پهريون ڀيرو عوام رجيم چينج کي قبول نه ڪيو
هن چيو ته اهڙن ماڻهن کي پنجاب آندو پيو وڃي جيڪي 25 مئي جي واقعن ۾ ملوث هئا، لڳي ٿو چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿيندي
هن چيو ته ڪير ٻڌائيندو ته ڊالر ۽ پيٽرول سئو رپيا مهانگو ڇو ٿي رهيو آهي؟
عمران خان چيو ته مون اهڙيون انتقامي ڪارروايون ڪڏهن ناهن ڏٺيون، لڳي ٿو ته باجوه جي پاليسي اڄ به هلي رهي آهي، جڏهن قانون جي حڪمراني هوندي ته ملڪ اڳتي وڌندو، جنرل (ر) قمر جاويد باجوا مون خلاف لابنگ لاءِ حسين حقاني ۽ ٻين کي رکيو، جن آمريڪا ۾ منهنجي خلاف لابنگ ڪئي
عمران خان ٻيهر اعتراف ڪيو ته مان سمجهان ٿو ته باجوه کي ايڪسٽينشن ڏيڻ وڏي غلطي هئي
هن چيو ته حڪومت توشه خانه ۾ ڦاسي پئي آهي، عدالت توشه خانه جا تفصيل گهريا جيڪي حڪومت فراهم نه ڪري سگهي ، نواز شريف چاهي ٿو ته عمران خان کي نااهل ڪيو وڃي
هن وڌيڪ چيو ته جيل ڀريو تحريڪ پرامن احتجاج آهي، اسان جو ٻيو رستو احتجاج آهي
اڳوڻي وزيراعظم چيو ته اسان دهشتگردي جا حمايتي نٿا ٿي سگهون، افغان طالبان پاڪستان جا مخالف ناهن

هن کي به پڙهندا

توشه خانه ڪيس ۾ فوجداري ڪارروائي تحت عمران خان تي اڄ به فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو

سبسڊي ختم، ترقياتي بجيٽ ۾ گهٽتائي، آءِ ايم ايف سان ڳالهين ۾ ڏکين فيصلن جو امڪان

پرويز مشرف جي فوجي اعزاز ۾ تدفين