ڪراچي(م ڊ) اي اين پي جي اڳواڻ ۽ ريلوي واري اڳوڻي وفاقي وزير غلام احمد بلور دعويٰ ڪئي آهي ته نواز شريف ملڪ واپس آيو ته کيس قتل ڪيو ويندو. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته منهنجي خيال ۾ نواز شريف ملڪ کان ٻاهر ويهي جيڪو ڪجهه ڪري رهيو آهي اهو سڀ کان بهتر آهي. هو ملڪ موٽي آيو ته کيس شايد جيئرو رهڻ به نه ڏنو وڃي. کيس ماري ڇڏيندا، هن چيو ته آئون نه ٿو چوان ته نوازشريف کي ملڪ موٽي اچڻ گهرجي هو واپس نه اچي.