نواز شريف علاج لاءِ ٻاهر ويو، جڏهن ن ليگ چاهيندي هو واپس ايندو: مريم اورنگزيب

0
434
نواز شريف علاج لاءِ ٻاهر

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نواز ليگ اڳواڻ مريم اورنگزيب چيو آهي ته ميان نواز شريف علاج لاءِ ويو آهي جنهن کي هن حڪومت ميڊيڪل رپورٽ ڏني هئي ته اسان وٽ نواز شريف جي مرض جو علاج ناهي

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم اورنگزيب چيو آهي ته نواز شريف کي گهرو وزارت پاران علاج لاءِ وڃڻ جو سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو، نواز شريف ٻاهر هوندي به پاڪستاني سياست جو محور آهي، اهي حڪمران ٻاهر ويٺل نواز شريف کان ڊڄن ٿا

هن وڌيڪ چيو آهي ته اڄ به پاڪستان جي سياست جو محور ميان نواز شريف ۽ شهباز شريف آهن، نواز شريف جڏهن چاهي پاڪستان ايندو، جڏهن ن ليگ فيصلو ڪندي ته پوءِ هو واپس ايندو

هن چيو آهي ته وزيراعظم جي تقرير ۾ اشارو ڏنو ويو آهي ته هو عمران خان جي وڃڻ ۽ نواز شريف جي اچڻ جو وقت چاهي ٿو

اسان امپائر جي آڱر جي ڳالهه نه ڪري رهيا آهيون، اسان هن ملڪ کي ترقي ڏيڻ لاءِ محنت ڪئي آهي، اسان عوام کي خوشحالي ڏني، هر آئيني ۽ پارلياماني طريقو استعمال ڪندي کيس گهر موڪلينداسين، تياريون مڪمل آهن