اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏنا ته اسان هڪ هاءِ پروفائيل ڪيس ٻڌو هو، مريم نواز ۽ نواز شريف جي ڪيس ۾ به ايئن ٿيو هو، جيڪو نه آيو ان جو ڪيس الڳ ڪري ڇڏيو، 6 ورهين تائين نواز شريف نه اچي ها ته مريم نواز جو به رڪيل هجي ها. چيف جسٽس چيو ته مريم نواز ڪيس ۾ هڪ فيصلو ڏئي چڪا آهيون، هاڻي نواز شريف جڏهن به اچي ٿو پنهنجو ڪيس کولرائي ٿو ته فيصلي جا اثر هوندا. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ايگزٽ جعلي ڊگري ڪيس ۾ شعيب شيخ ۽ ٻين جي اپيل تي ٻڌڻي ٿي، چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته اپيل ڪندڙ نائجل برائن روبيلو ڪٿان جو شهري آهي؟ پرڏيهه ته ناهي هليو ويو؟ نالو اي سي ايل ۾ هو؟ جنهن تي ايف آءِ اي ٻڌايو ته نائجل روبيلو پاڪستاني شهري آهي، سوئيڊن وڃي چڪو آهي، عدالت سزا يافته جوابدار نائجل برائن جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي سندس ڪيس ڌار ڪري ڇڏيو.