نواز شريف جي سڃاڻپ ڪارڊ تي جعلي ڪورونا ويڪسين لڳرائڻ جو انڪشاف

0
199
نواز شريف جي سڃاڻپ

ڪراچي(م ڊ) لاهور۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي شناختي ڪارڊ تي جعلي ڪورونا ويڪسين لڳرائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف جي نالي تي جعلي ڪورونا ويڪسين لڳرائڻ جي رپورٽ به سامهون آئي آهي جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته نواز شريف کي ڪورونا ويڪين لڳائڻ جي ڊيٽا انٽري ڪئي وئي آهي.

ذريعن موجب نواز شريف کي جعلي ڪورونا ويڪسن ڪوٽ خواجه سعيد اسپتال ۾ لڳائي وئي، نواز شريف جي ويڪسين جي انٽري نويد الطاف نالي ويڪسينيٽر ڪئي.

دستاويزن موجب نواز شريف کي ويڪسين جي پهرين ڊوز ڪالهه شام چار لڳي پار منٽ تي لڳائي وئي، نواز شريف کي سائنو ويڪ جي ٻي ڊوز لاءِ کيس 20 آڪٽوبر تي گهرايو ويو آهي.