لنڊن (م ڊ) نواز ليگ اڳواڻ ۽ وفاقي وزير ميان  جاويد لطيف چيو آهي ته ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ نواز شريف کي پاڪستان جي عوام جي خدمت ڪندو ڏسي رهيو آهيان. لنڊن ۾ نواز ليگ جي قائد نواز شريف سان ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ميان جاويد لطيف چيو ته عوام نواز شريف کي پاڪستان ۾ ڏسڻ چاهي ٿو. هن چيو ته نواز شريف جو پاڪستان ۾ آڌر ڀاءُ ڪندس، نواز شريف پاڪستان جي جنهن هوائي اڏي تي لهندو اتي عوام جو سمنڊ نظر ايندو.جاويد لطيف چيو ته اليڪشن ڪميشن ڪرپٽ خان جي پارٽي خلاف فيصلو آئين ۽ قانون پٽاندڙ ڏنو، حڪومت اليڪشن ڪميشن جي فيصلي موجب قدم کڻي رهي آهي.