نوازشريف کي واپس آڻي اهو ڏسڻ چاهيون ٿا ته ادارا ڪيترا نيوٽرل آهن: جاويد لطيف

0
310
نوازشريف کي واپس آڻي اهو ڏسڻ چاهيون ٿا ته ادارا ڪيترا نيوٽرل آهن: جاويد لطيف
نوازشريف کي واپس آڻي اهو ڏسڻ چاهيون ٿا ته ادارا ڪيترا نيوٽرل آهن: جاويد لطيف

اسلام آباد: نواز ليگ جي اڳواڻ جاويد لطيف چيو آھي ته واڳ ڌڻين جو هڪ حلقو اڃا به عمران جي حمايت ڪري رهيو آهي، ادارن کي پسند ناپسند بدران رياستي مفادن کي نظر ۾ رکندي فيصلا ڪرڻ گهرجن

نواز ليگ جي اڳواڻ جاويد لطيف اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته نوازشريف نتيجن جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ واپس اچي رهيو آهي، حقيقي قيادت جي غير موجودگي ۾ ڏکيا فيصلا نه ٿا ڪري سگهجن، نوازشريف کي واپس آڻي اهو ڏسڻ چاهيون ٿا ته ادارا ڪيترا نيوٽرل آهنپنجاب ۾ سياسي بحران،

جاويد لطيف چيو ته شهباز گل اهو طوطو آهي جنهن وٽ سازشن بابت ڪيترائي راز آهن، رمانڊ جي مخالفت ڪندڙن کي خوف آهي ته طوطو ٻولڻ نه شروع ڪري

ھن چيو تھ  طوطي کي خبر آهي ته هن ۾ جنهن شخص جو ساهه آهي ان جي پٺيان ڪهڙو بااثر شخص موجود آهي، طوطو هيل تائين جيڪو ٻولي چڪو آهي اهو قوم جي آڏو پڌرو ڪيو وڃي

ھي به پڙھندا

شهزاد اڪبر جو نالو اي سي ايل ۾ شامل: سوشل ميڊيا تي مهم هلائيندڙن جي گرفتاري جو فيصلو

فوج خلاف مهم عمران ۽ ڀارت جو گڏيل پراجيڪٽ آهي، ڪارروائي ٿيندي: خواجه آصف