ڪراچي (م ڊ) ذريعن اها دعويٰ ڪئي آهي ته نئون آرمي چيف جنرل عاصم منير هوندو جنهن لاءِ نواز شريف طرفان سائي جهنڊي ڏيکاري وئي آهي. ميان نواز شريف سميت سموري پي ڊي ايم جنرل عاصم منير کي آرمي چيف بڻائڻ تي متفق ٿي وئي آهي. ان حوالي سان وزيراعظم جي ڏيهه واپس پهچندي ئي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو. ياد رهي ته وزيراعظم شهباز شريف اڄ لنڊن ۾ ميان نواز شريف سان ملاقات ڪئي آهي. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته نواز شريف وزيراعظم کي جنرل عاصم منير لاءِ گرين سگنل ڏئي ڇڏيو آهي.