اسلام آباد (م ڊ) وفاقي وزير احسن اقبال نواز شريف جي نااهلي جي فيصلي تي فل ڪورٽ ۾ نظرثاني جو مطالبو ڪري ڇڏيو. خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته جڏهن نواز شريف کي نااهل ڪيو ويو ته اپيل جو حق نه ڏنو ويو. هن چيو عدليا جو احترام آهي پر ڪجهه مخصوص ججن جا نواز ليگ خلاف پي ٽي آءِ جي حمايت ۾ فيصلا اچي رهيا آهن، عمران خان اسيمبليون ان ڪري ٽوڙيون ته جيئن نظام ڪِري پئي.