ساهيوال (م ڊ) نواز ليگ جي چيف آرگنائيز مريم نواز چيو آهي ته پهرين تارازو جا پلڙا برابر ڪريو، بيگناهه نوازشريف جي سزا ختم ۽ عمران کي ڪٽهڙي ۾ آڻيو پوءِ اليڪشن ٿيندي، عمران کي اڄ به جنرل فيض جي باقيات بچائي رهي آهي، بابا رحمت اڄ به عدليا ۾ لڳايل پنهنجي ججن کان ڪم وٺي رهيو آهي. ساهيوال ۾ نواز ليگ جي ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته هي اليڪشن جو سال آهي، اليڪشن ضرور ٿيندي ۽ شينهن ڳري اڪثريت سان کٽيندو، اليڪشن ٿيندي پر پهرين انصاف ٿيندو، کير جو کير  ۽ پاڻي جو پاڻي ٿيندو، پهرين بي گناهه نوازشريف سان ٿيل زيادتين جو ازالو ڪيو وڃي، پاناما بنيچ کي پهرين سسلين مافيا ۽ گاڊ فادر جا نوازشريف کي ڏنل لقب واپس وٺڻا پوندا پوءِ اليڪشن ٿيندي. هن چيو ته نوازشريف کي گاڊ فادر چيو ويو، پٽ کان پگهار نه وٺڻ تي اقتدار مان ڪڍيو ويو، نوازشريف سان دشمني ۾ پاڪستان سان دشمني ڪئي وئي، آهي ڪير جيڪو منهنجي ملڪ ۾ انصاف ڪري، جيڪي نوازشريف لاءِ معيار مقرر ڪيا ويا، اهي عمران خان لاءِ به مقرر ڪيو، هن جون پهرين 200 پيشيون پوريون ڪريو پوءِ اليڪشن ٿيندي، اڄ انصاف ڪريو، سڀاني چونڊون ڪرائينداسين، نواز ليگ چونڊن کان ڀڄڻ واري نه آهي. مريم نواز چيو ته چنڊ کي گرهڻ وانگر پاڪستان کي پاناما بينچ لڳي ويو، ملڪي صورتحال جا ذميوار پاناما بينچ ۽ ان کي ٺاهيندڙ آهن، آءِ ايم ايف هٿان ملڪ گروي آهي، ڇا عمران خان کي گند اڇلائڻ ۽ نوازشريف کي ان جي صفائي لاءِ رکيو آهي؟ نوازشريف جي بيگناهي جو ثبوت سزا ڏيندڙ ججن پاڻ ڏئي ڇڏيو پر فيصلا اڄ به جيئن جو تيئن موجود آهن، پهرين عدل ۽ انصاف پوءِ اليڪشن ٿيندي. هن چيو ته جڏهن زمين وارا ناانصافي ڪندا آهن ته آسمان جو انصاف وارو نظام حرڪت ۾ اچي ويندو آهي، اڄ ڪٿي آهي جنرل فيض؟ ڪٿي آهي جسٽس کوسا ۽ ڪٿي آهي ڊيم وارو بابا جسٽس ثاقب نثار، اهي ته سڀ بي نقاب ٿي ويا آهن، پر جيڪي حاضر سروس ججن آهن اهي به بي نقاب ٿي ويا آهن، آڊيو ليڪس ۾ سامهون آيو ته پنهنجي سهولتڪارن سان ملي بينچ فڪسنگ ڪئي، جنهن جو پول وچ چوراهي تي ڦاٽي پيو. عمران خان تي تنقيد ڪندي مريم نواز چيو ته پهرين گهڙي چور کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ اچڻو پوندو پوءِ چونڊون ٿينديون، اولاد لڪائڻ جهڙو ڪوڙ پاڪستان جي ڪنهن به وزيراعظم قوم سان سان ناهي ڳالهايو، نوازشريف جي ڌي اوهان جي سامهون آهي، عمران جي ڌي ڪٿي آهي؟هن چيو ته چور فتني خان جا هٿ ڏوهن ۾ ٻڏل آهن پر ڪنهن عدالت ۾ کيس گهرائڻ جي همٿ ناهي، هي ڪهڙو پلستر آهي، جيڪو لهي ئي نه ٿو. مريم نواز الزام هڻندي چيو ته عمران کي اڄ به جنرل فيض جي باقيات بچائي رهي آهي، فيض حميد چڪوال ۾ ويهي اڄ به ڏوريون هلائي رهيو آهي، جڏهن ته ڊيم وارو بابا رحمت عدليا ۾ پنهنجي مقرر ڪيل مهرن کان اڄ به ڪم وٺي رهيو آهي، عمران خان جن ججن جي ڪلهن تي چڙهي اچڻ چاهي ٿو، اهي ڪلها نه رهندا. نواز ليگ جي سينيئر نائب صدر جو چوڻ هو ته خان صاحب جن ماڻهن توکي ڪلهي تي ويهاريو هو، اها اسٽيبلشمينٽ گهر وڃي چڪي آهي، الله کي پياري ٿي چڪي آهي، هاڻ تون جن ججن تي جي ڪلهن تي چڙهي ٻيهر اچڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهين، اهي ڪلها نه رهندا، عمران بي فيض ٿي چڪو آهي، بي فيض ئي رهندو.