روم( م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي اٽلي ۾ سير، تفريح جي تصوير سامهون اچي وئي آهي. مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ميان نوازشريف جي اٽلي جي شهر ميلانو جي هوٽل ۾ گهر ڀاتين سان گڏ تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي جنهن ۾ سندس پٽ حسين نواز ساڻس گڏ ويٺل آهي. نوازشريف هوٽل ۾ ويٺل آهي کيس مٿي تي ٽوپي پاتل آهي. نوازشريف ۽ مريم نواز سميت شريف خاندان جا ٻيا ماڻهو 10 ڏينهن جي لاءِ يورپ ۾ سير تفريح لاءِ ويل آهن. نوازشريف جي تصوير تي فواد چوڌري چيو ته نوازشريف جي اٽلي مان تصوير اسان جي عدالتي نظام جي بيوسي جو اظهار آهي. هڪ سزا يافته شخص جنهن جي ضمانتي کي اسان جي سسٽم وزيراعظم بنائي ڇڏيو اهو سموري نظام جي منهن تي چماٽ آهي. هن وڌيڪ چيو ته هن ڏوهه ۾ شريڪ ماڻهو پاڪستان جا سڀني کان وڌيڪ طاقتور مافيا آهن هن مافيا جي شڪست سان ئي پاڪستان جو مستقبل بهتر ٿي سگهي ٿو.