نواب ولي محمد (ن پ ا) ملواهه شاخ ۽ مير رُڪڻ شاخ ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ ۽ وارابندي خلاف آبادگارن نور مگسي، زاهد حسين چانڊيو، خادم حسين ڏيٿو، سڪندر چانڊيو، ڊاڪٽر عباس چانڊيو، خادم حسين سنگراھ يوسف ڀنڊ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ قومي شاهراهه کان ريلي ڪڍي نواب ولي محمد پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي آبادگارن دانهيندي چيو ته ملواهه شاخ ۽ ميررڪڻ شاخ ۾ زرعي پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري زمينون بنجر بڻايون ويون آهن، ايريگيشن عملدار شاخن جي منڍ جي بااثر زميندارن کان رشوت وٺي پڇڙيءَ جي حصي پاڻي وڪرو ڪري ڇڏين ٿا، هنن چيو ته پاڻي کوٽ سبب سخت پريشان آهيون، نوٽيس وٺي غيرقانوني وارا بندي ختم ڪري پاڻي پهچايو وڃي.