قاضي احمد (ن پ ا) نواب ولي محمد ويجهو ڳوٺ لونگ سومرو ۾ سومرا برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي، رتو ڇاڻ جي خطري سبب نواب ولي محمد پوليس پهچي غلام مصطفيٰ سومرو جي فرياد تي نصر الله سومرو ۽ بشير سومرو کي گرفتار ڪري ورتو، غلام مصطفيٰ سومرو چيو ته زمين سندس جي آهي، جنهن تي نصرالله سومرو وارا قبضو ڪرڻ چاهين ٿا، حملي ۾ منهنجو هاري پڻ زخمي ٿي پيو آهي، نصرالله سومرو واري ڌر موجب زمين 30 سالن کان سندن جي آهي ۽ هو ڪاهيندڙ آهن، معاملو ڪورٽ ۾ پڻ هلندڙ آهي، حملي ڪري هڪ ماڻهو اسان جو زخمي ڪيو ويو.