نواب ولي محمد سانحي جي متاثرن ۽ ايس يو پي جي اميدوارن جا نامزدگي فارم رد

0
225
نواب ولي محمد سانحي

قاضي احمد: قاضي احمد تعلقي 17يونين ڪائونسلن تي شيڊول مڪاني چونڊن جي حوالي سان نامزدگي  فارمن جي جاچ پڙتال دوران يونين ڪائونسل احمد ٻگهيو ۽ سعيد ڪنڊو تي ايس يو پي اميدوارن جا نامزدگي فارم رد ٿي ويا آهن

ايس يو پي جي جن اميدوارن جا فارم رد ٿيا آهن، انهن ۾ حاجن ڀنڊ، شاھنواز خاصخيلي، ايڊوڪيٽ سچل ماڇي،قيوم آرائين ۽ عورت اميدوار فاطمه واگھرو شامل آهن

آر او فرمان گپچاڻي اڻڄايل سبب ڪري فارم رد ڪيا ويا آھن، ايس يو پي سان لاڳاپيل نامزد اميدوار ۽ حامي مجيب ماڇي، خميسو ڀنڊ، حاجن ڀنڊ،ڌڻي بخش ڪلوئي جي اڳواڻي ۾  آر او آفيس پهچي احتجاج ڪيو

اڳواڻن الزام ھنيو آھي ته پنج يونين ڪائوسلن تي مقرر آر او فرمان علي گپچاڻي ڌر بڻجي بلاجواز اسان جي پارٽي سان تعلق رکندڙ اميدوارن جا نامزدگي فارم رد ڪيا ويا آھن

ھي به پڙھندا

سردار شاهه جي تڪ تي پ پ مشڪلاتن جو شڪار، نظرانداز جيالن آزاد پينل ٺاهي ورتو، فارم جمع