نوابشاهه (بيورو رپورٽ) لائيو اسٽاڪ  کاتي پاران ھارس اينڊ ڪيٽل نمائش قائد عوام يونيورسٽي نوابشاهه جي گرائونڊ تي لڳائي وئي، نمائش جو افتتاح پ پ اڳواڻ عاشق زرداري، لائيو اسٽاڪ کاتي جي ڊي جي حزب الله ڀٽو، ڊي ڊي ڊاڪٽر اعجاز لغاري، ديدار گورچاڻي ۽ ٻين ڪيو، نمائش ۾ ڀلوڙ نسل جا جانور ڪاموري ٻڪري، پٽيري ٻڪري،  سنڌي بري ٻڪري، ڪوڪا اچڪڙيون ٻڪريون، چوڙ ڪنڊي مينھون، ساڪرا ڻي اٺ، ٻولھاڻي سنڌي رڍون، ڪڇي رڍون،  ڦاڙھو، مارواڙي نسل جا گھوڙا، سنڌي نسل جا ڍڳا آندا ويا، نمائش ۾ وٽرنري يونيورسٽي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين ۽ مالوندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي افتتاح ڪندڙن چيو ته مالوند ماڻھن جي چھري تي خوشي ۽ مرڪ ڏسي دل سرهي ٿي آهي، اھڙي جانورن جي نمائش وبائي بيماري ڪرونا کان اڳ حيدرآباد ۾ لڳي ھئي ۽ هاڻي نوابشاھ ۾ لڳائي وئي آهي، ھنن چيوته گذريل شديد برساتن ۾ مالوندن جو وڏو معاشي نقصان ٿيو، ھنن چيو ته اھڙيون نمائشون ٿيڻ سان سنڌ جي  ثقافت اجاگر ٿيندي ۽ مالوند ماڻھن کي سنڌ جي اعليٰ نسل جي جانورن کي اجاگر ڪرڻ ۾ مدد ملندي، هنن چيو ته انشاءَ الله لمپي اسڪن بيماري جي دوا ايندڙ ڪجھه ڏينھن ۾ مالوندن کي سوين روپين ۾ نه پر چند روپين ۾ سستي اگهه تي فراهم ڪئي ويندي، نمائش ۾ جانورن جي سينگار جي سامان ڪڙا، ڳانا، چڙن سميت مختلف شين جا اسٽال پڻ لڳايا ويا هئا.