نوابشاهه (بيورو رپورٽ) نوابشاهه ۾ ڳوٺ علي محمد جمالي واسي ڳوٺاڻن جان محمد، خان محمد، محمد عارب، الله وڌايو، ڪنڊل جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بي سيڪشن پوليس جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ڳوٺاڻن الزام هنيو ته گذريل ڏينهن پوليس چادر ۽ چار ديواري جو تقدس پامال ڪندي گهر اندر داخل ٿي مردن، عورتن ۽ ٻارڙن تي سخت تشدد ڪيو ۽ گهر مان 5 تولا سون، 5 لک روپيا روڪ، ٻه ڇيلا، ٻه ڪاغذن واريون موٽرسائيڪلون ۽ ٻيو سامان کڻي وئي، هنن چيو ته ڊي ايس پي علي بخش عرف ڏاڏو جمالي چوي ٿو ته هر مهيني اسان کي ڀتو ڏيو، انڪار ڪرڻ تي اسان خلاف ڪارروايون ڪيون پيون وڃ، هنن چيو ته پوليس ولي محمد، مزار، شهمير، بچل جمالي ۽ پنجين ڪلاس ۾ پڙهندڙ نينگر الله ڏنو کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي، هنن جاچ ڪرائي انصاف فراهم ڪرڻ جي گهر ڪئي.