نوابشاهه (بيورو رپورٽ) نوابشاهه ۾ مذاق مذاق ۾ دوست وڙهي پيا، فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو، خبر موجب بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڄام صاحب روڊ تي 3 دوست عبدالباسط پٽ شڪيل احمد، انسلا خان پٽ مسعود خان ۽ طارق بابا ڪچھري ڪندي مذاق مذاق ۾ وڙھي پيا، جنهن دوران هڪ ڄڻي پسٽل سان فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ انسلا خان مارجي ويو، ان ڏس ۾ عبدالباسط ٻڌايو ته اسان ٽئي دوست ڄام صاحب روڊ تي طارق بابا جي جڳھه تي ڪچھري ڪري رهيا هئاسين ته انسلا خان چيو ته يار مان پنھجي زندگي مان تنگ ٿي ويو آھيان، ان وقت طارق بابا پنھنجي گھران پسٽل کڻي آيو ۽ اچڻ شرط هن انسلا خان تي فائر ڪيو جنهن ۾ هو سخت زخمي ٿي پيو، انسلا خان کي مان زخمي حالت ۾ رڪشا ذريعي نوابشاهه پي ايم سي اسپتال آندو، جتي ھن زخمن جا سور نه سھندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، اطلاع تي پوليس اسپتال پهچي واقعي جي جاچ ڪئي، پوليس جو چوڻ آھي ته معاملي جي هر رخ کان انڪوائري ڪئي ويندي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.