نوابشاهه (بيورو رپورٽ) نوابشاهه جي علائقي رحمت ماڊل ٽائون ۾ اوڏ برادري جي ڪکائن گهرن کي ماني پچائڻ دوران چُلهه جي چڻنگ مان باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ روشن اوڏ، اجو اوڏ ۽ شانو اوڏ جا گهر سڙي رک ٿي ويا، متاثرن موجب باهه سبب گهرن ۾ پيل ڪڻڪ، کٽون، بسترا، سولر پليٽون، پکا، ڪپڙا، ٻه موٽرسائيڪلون ۽ ٻيو قيمتي سامان سڙي رک ٿي ويو، هنن ٻڌايو ته ته ماني پچائيندي چُلهه جي چڻنگ اٿڻ سبب گهرن کي باهه لڳي، هنن سرڪار ۽ سرندي وارن کي سهائتا جي اپيل ڪئي.