نوابشاهه (بيورو رپورٽ) شھدادپور واسي نجم الدين ٽالپر ۽ ريمان چانڊيو سڪرنڊ جي عدالت ۾ پسند جي شادي ڪرڻ بعد نوابشاهه پريس ڪلب پھچي تحفظ لاءِ احتجاج ڪندي دانهيندي ناري ريمان چانڊيو چيو ته 5 سال اڳ منھنجي شادي ماروٽ سان ٿيل ھئي، جيڪو ڪم ڪار نه ڪندو هو، جنھن کان مون طلاق وٺي نجم الدين ٽالپور سان شادي ڪئي، جنھن بعد والد، سئوٽ ۽ ٻيا مائٽ دشمن بڻجي ويا آھن ۽ اسان زال مڙس کي قتل جون ڌمڪيون پيا ڏين، جنهن سبب دربدر آهيون، هنن چيو ته پوليس به مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، غير محفوظ آهيون، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.