نوابشاهه (بيورو رپورٽ) نوابشاهه ۾ دڪاندار هٿان مبينا طور زيادتي جو نشانو بڻيل 5 ورهين جي ٻارڙي جي وارثن احتجاج ڪيو، زيادتي جو نشانو بڻيل 5 ورھين جي نياڻي سڪينا جي والد دلمراد، امڙ شمشاد ۽ ماسي آسيه ٽالاڻي روئيندي  چيو ته ھڪ ھفتو اڳ پرچون جو دڪان ھلائيندڙ شير محمد ڀٽي نياڻي کي شئي ڏيڻ بھاني دوڪان ۾ زيادتي ڪئي، نياڻي پاڻ اچي ٻڌايو ۽ سڄي رات ان کي سور ھو، رت به وھي رھيو ھو، هنن چيو ته پوليس ملوث جوابدار کي گرفتار ڪيو پر ھڪ ڏينھن بعد ھڪ با اثر جي چوڻ تي کيس آزاد ڪري ڇڏيو، هنن الزام هنيو ته ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪايو پيو وڃي، ٻئي پاسي ميڊيا ۾ خبرون اچڻ بعد ايس ايس پي نوٽيس ورتو، جنهن بعد پوليس ٽيم ٻارڙي جي وارثن وٽ پهچي تفصيل ورتا ۽ ڪيس داخل ڪري ورتو، پوليس موجب ڪارروائي ڪري جوابدار شير محمد ڀٽي کي گرفتار ڪيو ويو آهي.