نوابشاهه (بيورو رپورٽ) نوابشاهه ۾ ٻن موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ، قبرستان مان واپس ايندڙ پرائمري استاد رستو روڪي قتل، واقعي بعد هٿياربند فرار، ڪيس داخل نه ٿيو، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو پراڻي دشمني تان پيش آيو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، خبر موجب تعلقي ٿاڻي جي حد حقاني ٽائون ۾ تاڙ ۾ ويٺل ٻن موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن قبرستان مان واپس ايندڙ پرائمري استاد گلزار علي کوکر کي رستي ۾ روڪي مٿس فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ استاد ٿڏي تي قتل ٿي ويو، واقعي بعد هٿياربند فرار ٿي ويا، اطلاع تي پوليس پهچي مقتول استاد جو لاش اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، استاد جو لاش گهر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو، ٻڌايو پيو وڃي ته پرائمري استاد گرڊ اسٽيشن واري قبرستان ۾ سس جي قبر تي دعا گهرڻ بعد موٽرسائيڪل تي واپس اچي رهيو هو ته مٿس فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو، تعلقي ٿاڻي جي ايس ايڇ او محمد خان ابڙو ٻڌايو ته ماستر گلزار کوکر جو پنھنجي کوکر برادري ۽ پٺاڻ برادري سان جھيڙو ھلندڙ ھو، پٺاڻ برادري جي ماڻھن سان قبرستان ۾ قبر ٺاھڻ تان مسئلو ٿيو هو، گلزار کوکر پنھنجي سس جي قبر کي وڏو ڪري ٺھرائڻ پئي چاهيو جنهن تي پٺاڻ برادريءَ جي ماڻھن ھن کي وڏي قبر ٺاھڻ کان روڪيو هو ۽ چيو هو ته اسان جي عزيزن جون به قبرون آھن ۽ قبر کي وڏو نه ڪرايو، ان بابت ٻنهي ڌرين جون ٿاڻي تي به ھڪ ٻئي خلاف درخواستون داخل ٿيل آهن، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.