نوابشاهه (بيورو رپورٽ)  نوابشاهه ۾ موٽرسائيڪل سوارن 2 نوجوانن تي تيزاب هاري ڇڏيو، ان ڏس ۾    اي سيڪشنا ٿاڻي جي موبائيل مارڪيٽ ۾ نا معلوم شخص ٻن نوجوانن جي چهري تي تيزاب هاري فرار ٿي ويو، زخمين کي شهري طبي امداد لاءِ پي ايم يو اسپتال منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽرن جو چوڻ هو ته هڪ نوجوان جي  اک جو پردو متاثر ٿيو آهي، ٻئي طرف پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوانن جي سُڃاڻپ شيراز شاهه ۽ سجاد شاهه طور ٿي آهي، جوابدار ۽ زخمي پاڻ ۾ عزيز آهن، جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.