نوابشاهه(بيورو رپورٽ) پنج مھينا اڳ قتل ٿي ويل رستم سنڌ شير مير بحر جي نوجوان پٽ بئنڪ آفيسر امداد ملاح جي قاتل جي جاچ ٿيڻ بعد قاتل جو پتو پئجي ويو، امداد ملاح جو قاتل سندس ئي عزيز عالمگير ملاح نڪتو، پوليس کيس گرفتار ڪري ورتو. نوجوان جي قتل جو ڪارڻ سامھون نه آيو آھي پوليس ذريعن موجب جلد قتل جو ڪارڻ به معلوم ٿي ويندو. قاتل عالمگير ملاح ايس ايچ او بشارت ملاح جو پٽ آھي جيڪو مقتول امداد ملاح جو ويجھو عزيز آھي پوليس مقتول امداد ملاح جي ڀاءُ نوابشاهه مان ڪيس ٽرانسفر ڪرائي نوشھروفيروز ۾ منتقل ڪرايو هو.