نواب شاھ (بيورو رپورٽ) نواب شاهه ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد ۾ ڊي ايس پي سٽي حبيب الرحمان لاشاري، ايس ايچ او اي سيڪشن پاران پوليس ساڻ ڪري منو آباد لال حويلي ڀرسان مرچن جي ڪارخاني تي ڇاپو ھڻي 4 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، گرفتار ٿيلن ۾  مرچ ڪارخاني جو مالڪ عدنان ملڪ، مزدور صغير ملڪ،  علي حسن ڀنگوار ۽ امجد ڀنگوار شامل آهن، ان حوالي سان   ڊي ايس پي حبيب الرحمان لاشاري ٻڌايو ته ڳجھو اطلاع مليو ته لال حويلي ڀرسان مصطفا ٽائون ۾ ھڪ جعلي مرچن جي فيڪٽري آھي، جيڪا جانورن جي بوسي ۾ رنگ ملائي جعلي مرچ تيار ڪري  مارڪيٽ ۾ وڪري ڪري انسانن جي زندگي سان کيڏي رھيا آھن، هن چيو ته جعلي فيڪٽرين خلاف ڪارروائي ڪري سيل ڪيو ويندو.