نوابشاھ (بيورو رپورٽ) شهيد بينظير يونيورسٽيءَ ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين رت جو عطيو ڏئي ٽائيم نيوز ۽ روزاني پنھنجي اخبار جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو، شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي شهيد بينظير آباد جي ڊائريڪٽوريٽ آف اسٽوڊنٽس ويلفيئر پاران ٽائيم نيوز ۽ روزاني پنھنجي اخبار جي سالگرهه ملھائي وئي، ٿيليسميا جي موذي مرض ۾ ورتل ٻارڙن جي زندگيءَ بچائڻ لاءِ “هڪ ٿيلهي رت جو عطيو ” جي عنوان سان يونيورسٽي جي مين ڪيمپس ۾ سالگرهه جي موقعي تي هڪ روزا ڪئمپ لڳائي وئي، جنهن ۾ 300 جي لڳ ڀڳ شاگردن، شاگردياڻين، استادن ۽ انتظاميا طرفان رت جو عطيو ڏنو ويو، ان موقعي تي ارمان خانزادہ، زيد الطاف خاصخيلي، امانت علي جلباڻي، مرينه شير باز مري، ڊاڪٽر محمد صادق سيال ٻيا پڻ موجود هئا، ان موقعي تي ٿيليسميا سينٽر نوابشاھ جي روح روان ڊاڪٽر محمد صادق سيال چيو ته ٽائيم نيوز ۽ روزاني پنھنجي اخبار وانگر ٻين ادارن کي به گھرجي ته ھو سالگرهه جي موقعي تي اھڙا ثواب وارو ڪم ڪن، ھن چيوته علي قاضي ميڊيا جو جس لهڻي، ان جي ڪري اڄ معصوم ٻارڙن لاءِ رت جو عطيو مليو آھي.