نوابشاهه (بيورو رپورٽ) نوابشاهه ۾ پريس ڪلب آڏو پنھنجي ايڪتا جي ثقافتي رنگن سان اسٽيج سجائي وئي، جتي شهر جي مختلف علائقن مان ريليون پهتيون جتي قومي گيتن تي رقص ڪيو ويو، سنڌ جي صوفين جي تنظيم حق صوفي ازم ورلڊ پاران فقير جي ايم ڏاهري المعروف مست پروازي جي عقيدتمندن ۽ طالبن جي ريلي پهتي، جتي ثقافتي سازن يڪتاري، چپڙي ۽ باجي تي لوڪ فنڪار فقير عنايت خاصخيلي جي مٺڙي اواز ۾ آلا پيل ڪلامن تي فقيرن پيرن ۾ ڇير ٻڌي سنڌ امڙ سان عشق جو ٽبوت ڏنو، ان کانسواءِ ٻئي ريلي جسقم اڳواڻ سرفراز ميمڻ، علي رضا خاصخيلي، ھدايت الله تنيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪڍي وئي، جڏهن ته سنڌ ترقي پسند پارٽي طرفان نثار ڪيريو، شاھنواز ڪيريو، سيد اطھر شا ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پڻ ريلي نڪتي، سنڌي ادبي سنگت جي ريلي ستار سندر، فياض چنڊ ڪليري، بخشل باغي، امداد رند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي پهتي، ايس يو پي پاران مجيب ماڇي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، پ پ شھيد ڀٽو پاران  اڪبر سوڍر ۽ ارشاد خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ريلين ۾ شريڪ ماڻهو سنڌي اجرڪ ۽ ٽوپيون پائي قومي گيتن تي رقص ڪندا رهيا، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ايڪتا ڏينهن سنڌين جو قومي عيد جو ڏينهن آهي جنهن ۾ بنا فرق جي سڀ شريڪ ٿين ٿا.