نوابشاهه (بيورو رپورٽ) نوابشاهه ۾ ڇوٽڪو ۽ ڄام لغاري شاخ جي پڇڙي جي آبادگارن پاڻي جي ھٿرادو کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي ناصر پٺاڻ، جبار کوسو، حاجي علي شير، محمد علي بروھي ۽ ٻين چيو ته پڇڙي جا آبادگار گذريل پنجن ڏينهن  کان پنھنجي حصي جي پاڻي لاءِ احتجاج ڪري رھيا آھن پر ڪير به نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهي، هنن چيو ته پاڻي نه ملڻ ڪري 10 ھزار ايڪڙن تي بيٺل ڪڻڪ ۽ سرنھن جو فصل سڪي تباھه ٿي رھيو آھي، هنن الزام هنيو ته آبپاشي عملو منڍ جي من پسند آبادگارن کي رشوت عيوض پاڻي ڏئي رھيو آھي، جنھن ڪري پڇڙي ۾ پاڻي نٿو پهچي، هنن مطالبو ڪيو ته پاڻي ڏئي مسئلو حل ڪيو وڃي.