نوابشاهه/واهي پانڌي (نمائندن وٽان) نوابشاهه ۽ واهي پانڌي ۾ مهانگائي خلاف احتجاج ڪيو ويو، نوابشاهه ۾ سول سوسائٽي پاران جاويد شيخ، سلمان ڪيريو، عامر ڀنگوار، مرتضيٰ جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، واهي پانڌي ۾  تيل جي قيمتن ۾ واڌ ۽ ملڪ ۾ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي خلاف پي ٽي آءِ ۽ شهرين فيصل جمالي، آصف لغاري، منٺار رستماڻي، بهادر لغاري جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.