نوابشاهه (بيورو رپورٽ) نوابشاهه جي علائقي تاج ڪالوني ۾ سيوريج لائين جي صفائي ڪندڙ 45 ورھين جو نعمت مسيح ساھه ٻوساٽجڻ سبب فوت ٿي ويو، جڏھن ته فوتي جو لاش نوابشاهه جي پي ايم يو اسپتال آندو ويو جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏھن ته فوتي جي وارثن بلديه انتظاميا تي الزام ھڻندي چيو آهي ته نعمت مسيح کي بغير ڪنھن حفاظتي انتظامن جي چئن ڄڻن جي جڳهه تي اڪيلي ڄڻي کي گٽر ۾ لاٿو ويو جنھن جي نتيجي ۾ ساھه ٻوساٽجڻ سبب اسان جو نوجوان فوت ٿي ويو، ھنن مطالبو ڪيو ته بلديا انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ ڪم ڇڏ ھڙتال ڪئي ويندي.