نوابشاهه: گرفتار ف ليگ اڳواڻ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش، جيل حوالي

0
552

نوابشاهه (ن پ ا) پوليس طرفان گرفتار ڪيل ف ليگ اڳواڻ فقير محب جمالي کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو، ف ليگ اڳواڻ فقير محب جمالي کي 5 ڏينهن اڳ کڏھر ۽ سڪرنڊ ٿاڻي تي پوليس مقابلي سميت نوان۽ پراڻا 8 ڪيس ظاھر ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو ويو ھو، پنجن ڏينهن جو رمانڊ پورو ٿيڻ کانپوءِ پوليس فقير محب جمالي کي ٻيهر عدالت ۾پيش ڪيو، عدالت کيس ستن ڏينهن جي رمانڊ تي جيل حوالي ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي ف ليگ اڳواڻ جو چوڻ هو ته مون تي سياسي ڪيس داخل ڪيا ويا آھن، ڪو به ڏوھه ثابت ناھي ٿيو، پ پ وارن ھميشه ناجائزي ڪئي آھي.