نوابشاهه (بيورو رپورٽ) ٻه مهينا اڳ سڪرنڊ ڀرسان لانڍي اسٽاپ وٽان کنڀي گم ڪيل نوجوان ماجد ڪيريو کي نوابشاهه  پوليس نواز ڏاھري ريلوي ڦاٽڪ وٽان دھشتگردي جي الزام ۾ گرفتار ڪري مارٽر گولا هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آھي، ان سلسلي ۾ سي آءِ اي انچارج مبين پڙھيار اي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته جوابدار ماجد ڪيريو عرف ببلو  نواز ڏاھري ريلوي ڦاٽڪ وٽان عوامي ايڪسپريس ٽرين کي تباھه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيو ھو ته کيس مارٽر گولن سميت گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته سندس 3 ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، جڏهن ته جوابدار ھڪ مھينو اڳ ڳجهي اداري جي آفيس تي حملي ڪرڻ جو به اعتراف ڪيو آهي. واضح رهي ته ماجد ڪيريو کي ٻه مهينا اڳ سڪرنڊ ڀرسان لانڍي اسٽاپ وٽان کنڀي گم ڪيو ويو هو.