نوابشاهه/قاضي احمد (نمائندن وٽان) نوابشاهه ڀرسان هان ڏاريندڙ حادثو، پ پ اڳواڻ ٻن نياڻين سميت فوت، سندس زال ۽ 2 پٽ سخت زخمي، خبر موجب قاضي احمد روڊ تي خير شاهه ڀرسان تيز رفتار مٽي سان ڀريل ڊمپر ۽ ڪار ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار يوسي ڏيڙاڻ جو پ پ صدر عبدالحفيظ کوسو، سندس ٻه نياڻيون حريم ۽ لال فتح ٿڏي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته پ پ اڳواڻ جي گھر واري صنم ۽ ٻه پٽ معيظ ۽ نعمان سخت زخمي ٿي پيا، زخمين ۽ فوتين جا لاش پي ايم سي اسپتال نوابشاهه آندا ويا، جتان فوتين جا مڙهه ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، جڏهن ته زخمين جو علاج جاري آهي، 3 فوتين جا لاش ڳوٺ دوست علي کوسو پهچڻ تي هر طرف ماحول سوڳوار ٿي ويو، پوليس ڊمپر کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آھي، ٻڌايو پيو وڃي ته خاندان قاضي احمد کان نوابشاهه نياڻي جي  شادي جي ڪاڄ لاءِ ڏاج جو سامان وٺڻ وڃي رهيو هو ته حادثي جو شڪار بڻيو، وارثن موجب فوتين جي تدفين اڄ سومر ڏينهن ڪئي ويندي.