نوابشاهه ( بيورو رپورٽ ) نوابشاهه ويجهو ڳوٺ ڪنب ليمان تي مختلف ٿاڻن جي پوليس جي چڙهائي بعد فنڪشنل ليگ جي مرڪزي اڳواڻ فقير محب جمالي گرفتاري ڏئي ڇڏي، پوليس جي چڙهائي برقرار هئڻ خلاف ڳوٺاڻن احتجاج ڪيو، ف ليگ اڳواڻ محب جمالي جو چوڻ آهي ته ڏوهاري ناهيان جو لڪي ويهان، پاڻ گرفتاري ڏني آهي، پوليس 5 ڏينهن اڳ به ڳوٺ تي چڙهائي ڪئي هئي، پوليس موجب اطلاع آهن ته ڳوٺ ۾ منشيات جو وڪرو هلي رهيو آهي، جنهن ڪري ڪارروائي ڪئي آهي…….