نوابشاھه(بيورو رپورٽ) پنجين سنڌ ڪاليج گيمز تحت شهيد بينظيرآباد ڊويزن جي ٽنهي ضلعن سانگهڙ، شهيد بينظيرآباد ۽ نوشهرفيروز جي ڪاليجن جا ڊويزن سطح تي ٿيندڙ راندين جا مقابلا اڄ پنهنجي پڄاڻي تي پهتا. ٽنهي ضلعن جي ڪاليجن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي ٽيمن جا ڌار ڌار راندين جا مقابلا منعقد ڪيا ويا جنهن ۾ 400 ميٽر ريلي ريس جي مقابلن ۾ شهيدبينظيرآباد جي ٽيمن فتح حاصل ڪئي، جڏهن ته باسڪيٽ بال ۾ شاگردن جي مقابلن ۾ شهيد بينظيرآباد پهرين، سانگهڙ ٻي ۽ نوشهروفيروز ٽئين ۽ شاگردياڻين جي باسڪٽ بال جي مقابلن ۾ سانگهڙ پهرين ۽ شهيد بينظيرآباد جي ڪاليجن ٻي پوزيشن حاصل ڪئي. ان موقعي تي ڪمشنر شهيد بينظيرآباد ڊويزن عبدالعليم لاشاري ۽ ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليجز پروفيسر شاهده تاج ابڙو کٽيندڙ ٽيمن ۾ ميڊل ۽ ٽرافيون ورهايون.