ٺارو شاهه (ن پ ا) ٻوڏ متاثر هڪ ٻُڍڙي عورت جي وڏي وزير کي دانهن، سعدي موساڻي واسڻ پيرسن عورت وڏي وزير کي چيو ته ڊي سي سوڌو ٻين عملدارن اڳيان دانهون ڪري ٿڪجي پئي آهي، اڃا تائين خيمو ۽ راشن ناهي مليو، وڏي وزير مراد علي شاهه طرفان ڊي سي ۽ اي سي کي گهرائي ٻڍڙي عورت کي فوري خيمو لڳائي ڏيڻ جي هدايت ڪئي،