ننگرپارڪر  (ن پ ا) ننگرپارڪر جي ڳوٺ مامچيرو ۾ رات جو اڻڄاتل شڪارين جھنگ ۾ بندوق جا فائر ڪري 2 ھرڻ  ماري پاڻ سان گڏ کڻي فرار ٿي ويا،  ان حوالي سان ڳوٺاڻن ڀوپٽسنگھه، منگل سنگھه، جيتمال سنگھه ۽ ٻين ٻڌايو  ته  رات جو دير سان اڇي رنگ جي ويڳو گاڏي ۾ سوار 3 شڪارين بندوق جا فائر ڪري 2 ھرڻن کي  ماري انهن کي پاڻ سان گڏ کڻي ويا، ڳوٺاڻن موجب شڪارين جو پيڇو ڪيو پر شڪاري فرار ٿي ويا، ڳوٺاڻن وڌيڪ ٻڌايو ته اسان ھرڻن جو رت، ھرڻن جي پيرن جا نشان ۽ گاڏي جا نشان وائلڊ لائيف عملي کي ڏيکاريا آهن، ٻئي طرف ڊپٽي ڪنزرويٽر وائلڊ لائيف مٺي رياض احمد رند ٻڌايو ته ڳوٺ مامچيرو ۾ رت ڪجھه نشان مليا آھن، جاچ ڪيون پيا، شڪار ۾ جيڪو به ملوث ھوندو تصديق بعد انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.