ننگرپارڪر  (ن پ ا) ننگرپارڪر ۽ ڀرپاسي مورن ۾ ڦهليل راڻي کيت بيماري تي ضابطو اچي ناهي سگهيو، وڌيڪ 10 مور مري ويا آهن، ان ڏس ۾ ڪالهه ڳوٺ مالسريو ۽ مير محمد سمون ۾5، ڳوٺ ڏونگري ۾ 3 ۽ کيپليون ۾ 2 مور راڻي کيت بيماري سبب ڦٿڪي ڦٿڪي مري ويا، هوڏانهن علائقي جي ڳوٺ اويڙ پلي، ڄام خان جو وانڊيو ۽ ٻين ڳوٺن ۾ ڪيترائي مور بيمار آهن، جن جي علاج لاءِ هن وقت تائين ڪي به قدم ناهن کنيا ويا، ڳوٺاڻن ٻڌايو ته راڻي کيت بيماري سبب مورن جو اکيون سڄي پون  ٿيون ۽ ھو انڌا ٿي وڃن ٿا، جنهن بعد سندن اڏامڻ جي سگھه ختم ٿي وڃي ٿي، علائقي واسين مطالبو ڪيو ته بيمار مورن جو علاج ڪرائي انھن کي بچايو وڃي.