ننگرپارڪر (اسپورٽس نيوز) ننگرپارڪر جي ٽن راتين وارو ڪارونجهر نائيٽ  ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ ذلمي اليون ۽ دلبر دليون فائنل ۾ پهتيون. دلبر اليون ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. شاهين ذلمي اليون مقرر 6 اوورن ۾ 97 رنز جو هدف ڏنو. جواب ۾ دلبر اليون مقرر 6 اوورن ۾ صرف 78 رنسون ٺاهي سگهي. جڏهن ته مين آف دي ٽورنامينٽ سجاول کوسو ۽ بالر آف دي ٽورنامينٽ تلظيم جي نالي رهيو ۽ مين آف دي ميچ جو ايوارڊ راجا کوسو پنهنجي نالي ڪيو . ونر ٽيم کي ٽرافي ۽ 12000 رپيا روڪ انعام ڏنو ويو.