ننگرپارڪر (ن پ ا) ننگرپارڪر ٽائون ڪاميٽي جي ملازمن پگهارون نه ملڻ ۽ ٽائون آفيسر مقرر نه ٿين خلاف ڪم ڇڏ هڙتال ڪري ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي ڪشور ڏوهٽ ۽ ٻين چيو ته ڊيلي ويجز ملازمن  کي 4 مهينن ۽ پڪن ملازمن کي ٻن مهينن کان پگهارون نه مليون آهن، جنهن سبب ملازمن جا ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن، هنن پگهارون ڏيڻ جو مطالبو ڪيو.