ننگرپارڪر (رپورٽ: فيض کوسو) ننگرپارڪر ۾ اينٽي ڪرپشن ٽيم ٽائون ڪاميٽي آفيس تي ڇاپو هنيو،  ان  ڏس ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن ميرپورخاص منصور علي پنهور جي اڳواڻي ۾ ٽيم ڇاپو هڻي رڪارڊ ۽ حاضري رجسٽر چيڪ ڪيو، ذريعن موجب ٽائون ڪاميٽي ۾ ڪرپشن ڪيس ۾ نامزد ٺيڪيدارن جي گرفتاري لاءِ ڪاروائي ڪئي وئي، هوڏانهن اينٽي ڪرپشن ٽيم جو ٻڌي ٽائون عملدار آفيس مان کسڪي ويا، جڏهن ته اينٽي ڪرپشن ٽيم ٺيڪيدارن جي نه ملڻ تي ڪجهه ڪلاڪن بعد بنا ڪنهن گرفتاري جي واپس رواني ٿي وئي، واضح رهي ته 2010 ۽ 2014 ۾ ننگرپارڪر ٽائون ڪاميٽي جي فنڊن ۾ مبينا گهوٻين جي 49 ماڻهن خلاف ايف آءِ آر داخل ٿيل آهي، جن ۾ 40 ٽائون ڪاميٽي آفيسر ۽ ڪجهه ٺيڪيدار شامل آهن،