ننگرپارڪر (ن پ ا) ننگرپارڪر لڳ گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڀانڀڻٽوڀو جي ڇت برسات سبب ڪري پئي، اسڪول اندر 119 شاگرد ۽ شاگردياڻيون زير تعليم آهن ۽ 3 استاد مقرر ٿيل آهن، برسات سبب هيڊ ماستر پاران موڪل ڪرڻ سبب ڪو به جاني نقصان نه ٿيو، ڳوٺاڻن ٻڌايو ته اسڪول 1958 ۾ کليو هو ۽ 2010 ۾ اسڪول کي بلڊنگ ملي، جنهن بعد عمارت جي ڪا به مرمت نه ڪرائي وئي جنهن ڪري اها ذبون ٿي وئي آهي.