ننگرپارڪر (ن پ ا) ننگرپارڪر لڳ عورت مائٽن ڏانهن نه وٺي وڃڻ تي ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، گهر مان ٽنگيل لاش هٿ، خبر موجب ڳوٺ ٻانڀڻ ٽوڀو ۾34 سالن جي شادي شده عورت تاران زال کيئنراج ڀيل جو گهر جي چوئنري مان ڦاهو کاڌل لاش هٿ ڪيو ويو، واقعي جي اطلاع تي ڏانو ڌاندل پوليس پهچي لاش تعلقي اسپتال ننگرپارڪر آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته وارثن موجب ناري جي 8 سال اڳ شادي ٿي هئي، کيس اولاد نه هو، ڪالهه هن سانگهڙ ۾ مائٽن وٽ وٺي هلڻ جو ضد ڪيو، جنهن تي سندس مڙس انڪار ڪيو ته هن ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي،